اسلام آباد – 07 آڪٽوبر (اي پي پي( منصوبابندي، ترقي، سڌارن واري وفاقي وزير ۽ اين ايف آر سي سي جي ڊپٽي چيئرمين احسن اقبال جي صدارت ۾ ??يش??ل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊي??يش?? سينٽر ۾ اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ??يش??ل ڪوآرڊينيٽر اين ايف آر سي سي ميجر جنرل ظفر اقبال، اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ ريلوي واري وزارت، موصلات واري وزارت، چيف سيڪريٽريز ۽ هيلٿ سيڪريٽريز به موجود هئا. فورم کي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ رستن ۽ ريلوي لائين?? جي مرمت ۽ بحالي جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. اين ايڇ اي جي چيئرمين فورم کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته انڊس هاءِ وي جي وڏي حصي ۾ پاڻي لهي چڪو آ??ي، اين فائيو تي 66 ڪلوميٽر حصي جي تعمير ۽ مرمت ۾ چين مدد ڪري رهيو آ??ي، اين 5 جي باقي متاثر حص?? جي تعمير ۽ مرمت لاءِ اي ڊي پي سان ڳالهه ٻولهه هلي رهي آ??ي، هن ٻڌايو ته سکر کان حيدرآباد موٽر وي لاءِ زمين حاصل ڪئي وئي آ??ي، ريلوي واري وزارت طرفان فورم کي ٻڌايو ويو ته ايم ايل ون تي فريٽ ۽ مسافر ٽرينون مڪمل بحال ٿي ويون آهن، جيڪب سبي سيڪشن تي اڃان به ڪجهه پاڻي موجود آ??ي، ڪوئيٽا تفتان تي 104 پلي?? جي مرمت ڪئي وئي آ??ي، ايم ايل ٽو تي صرف ٻن پلي?? جي مرمت رهجي وئي آ??ي، فورم رستن ۽ ريلوي لائين?? جي بحالي ??اءِ هن وقت تائين کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. فورم کي صوبائي عملدارن صحت جي شعبي ۾ ٻوڏ کانپوءِ وبائي مرضن تي ضابطو آڻ?? جي حوالي سان قدمن کان آگاهه ڪيو، سنڌ جي صحت واري سيڪريٽري فورم کي ٻڌايو ته اسان وٽ ??حت جي شعبي ۾ ايمرجنسي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي گهربل صلاحيت موجود آ??ي، ٽيلي ??يڊيس?? جي شعبي ۾ به ڪم ڪري رهيا آهيون، 2500 نوان ڊاڪٽر ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪري رهيا آهيون، ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ڀرتي جو عمل مڪمل ٿي ويندو. بلوچستا?? جي صحت کاتي جي عملدارن ٻڌايو ته بلوچستان ۾ 1120 ليڊي هيلٿ ورڪرز جا گهر ٻوڏ سبب تباهه ٿيا آهن، فورم هدايت ڏني ته ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ صحت جي ٻي عملي جي نقصانن ۽ رليف بابت آگاهه ڪيو وڃي، اجلاس ۾ صوبائي عملدارن متاثر علائقن ۾ آبادگارن ۾ ربيع جي فصل لاءِ ٻج ورهائڻ جي ميڪنزم کان آگاهه ڪيو. اين ايف آر سي سي صوبن کي پنجاهه سيڪڙو سبسڊي شيئرنگ بابت سمري جلد منظور ڪرڻ جي هدايت ڏني.