اسلام آب??د ?? 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار احمد چيو آهي ته گڏيل قوم?? جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوٽريس پاڪستان جي لاءِ عالمي يڪجهتي ۽ حمايت جي اظهار طور اڄ جمعي ڏينهن ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان ايندو، گڏيل قوم?? جو سيڪريٽري جنرل وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ۽ نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر جي دوري کانسواءِ ٻوڏ کان شديد متاثر علائق?? جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته گڏيل قوم?? جو سيڪريٽري جنرل وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات کانسواءِ نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر (اين ايف آر سي سي) جو دورو ڪندو جڏهن ته هو وزيراعظم سان گڏيل پر??س ڪانفرنس پڻ ڪندو. انتونيو گوٽريس پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ڳالهه ٻولهه کانپوءِ پرڏيهي آفيس ۾ گڏيل پر??س ڪانفرنس کي خطاب ڪندا. گڏيل قوم?? جو سيڪريٽري جنرل ٻوڏ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ بلوچستان ۽ سنڌ جي علائقن (سکر، موه?? جو دڙو، لاڙڪاڻو ۽ اوستا محمد،) جو پڻ دورو ڪندو جتي هو امدادي ڪمن ۾ شروع کان سرگرم ڪارڪنن سان ملاقات کانپوءِ ٻوڏ سبب بي گهر ٿيندڙ ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو. گڏيل قوم?? جو سيڪريٽري جنرل ٻوڏ سٽيل علائقن جي صورتحال جو پاڻ مشاهدو ڪرڻ کانپوءِ هو جمعي جي شام ڪراچي ايئرپورٽ تي صحافين سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪندو.