اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۾ جرمني جي سفير ايلفرڊ گراناس ڪالهه آچر ڏينهن پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪباد ڏيندي پنهنجي وڊيو پيغام پاڪستاني ع??ام کي ”جشن آزادي جون کوڙ ساريون مبارڪون“ چيو. هن چيو ته اڄ مون مختلف رستن جي ڪناري تي ڪيترائي خصوصي اسٽالز ڏٺا، مون رستي ڪناري بيهي پاڪستاني جهنڊو پنهنجي رهائشگاهه تي هڻڻ جي لاءِ خر??د ڪيو. هن چيو ته آئون توهان سڀني سان گڏ توهان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جون خوشيون ملهائڻ ۾ شريڪ آهيان. جرمن سفير وڌيڪ چيو ته مون پاڪستان ۾ تازو ئي ذميواريون سنڀاليون آهن ۽ مون کي هتي اچي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. هن چيو ته آئون پاڪستاني ع??ام سان ملاقات جو سدائين خواهشمند رهيو آهيان ۽ پاڪستان ۽ جرمني کي ويجهو دوست ۽ اتحادي بڻائڻ جي حوالي سان گڏ??ل مفادن جي فروغ لاءِ پرعزم آهيان.