اسلام آباد – 03 – ??گس?? (اي پي پي) برطانيا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪميشن جي اهتمام هيٺ 5 ??گس?? تي ملهائجندڙ استحصال ڏهاڙي جي مناسبت سان هڪ تصويري نما??ش منعقد ڪئي ويندي، نمائش جو مقصد غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حق?? جي سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب پاڪستاني هاءِ ڪميشن پاران جاري هڪ پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ ڪمشنر معظم احمد خان پاڪستاني ڪميونٽي ۽ فرينڊز آف ڪشمير کي نمائش ۾ شرڪت ?? ڀارتي ظلمن جي شڪار ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار جي دعوت ڏني آهي. نمائش کانپوءِ هاءِ ڪميشن ۾ ڪشمير جي موضوع تي هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويندو، جنهن ۾ پارليامينٽ جا ميمبر، ڪشميري اڳواڻ، انساني حق?? جون تنظيمون ۽ ??ول سوسائٽي جا نمائندا شرڪت ڪندا.