اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز جي اهتمام هيٺ ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان سيمينار ٿيو. سينيٽر مشاهد حسين سيد سيمينار ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. سيمينار کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڪليم عباسي، جسٽس علي نواز چوهاڻ، ڊائريڪٽر جنرل انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اعزاز احمد چوڌري، انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊي جي ڊائريڪٽر انڊيا اسٽڊي سينٽر ڊاڪٽر ارشد علي، ڪشميري دانشور ڊاڪٽر وليد رسول ۽ ٻين مقررين خط??ب ڪيو. ڊائريڪٽر جنرل انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اعزاز احمد چوڌري خط??ب ڪندي چيو ته ڪشميري عوام 1931ع کان قربانيون ڏئي رهيا آه??، 3 سال اڳ وا??اريل ڪشمير جي سڃاڻپ تي حملو ٿيو ۽ ڀارت هاڻي وا??اريل ڪشمير ۾ مسلمانن جي آبادي جو تناسب تبديل ڪري رهيو آه??. پاڪستان ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي سطح تي حمايت جاري رکندو. ڊاڪٽر ارشد علي سيمينار کي خط??ب ڪندي چيو ته ڀارت جا هڪطرفا قدم عالمي قانونن، گڏيل قومن جي قراردادن ۽ شملا معاهدي جي خلاف ورزي آه??،هن چيو ته وا??اريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ کانپوءِ ڀارتي قابض فوج 640 ماڻهن کي شهيد ڪيو آه?? جن مان 120 کي حراست دوران قتل ڪيو ويو جڏهن ته رياست جي مسلم اڪثريت کي اقليت ۾ بدلائڻ جي لاءِ 3 ملين ڊوميسائيل جاري ڪيا آه??. سيمينار کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڪليم عباسي خط??ب ڪندي چيو ته 5 آگسٽ 2019عڳ ڪشمير جي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آه??، ڪشمير گڏيل قومن جي ايجنڊا تي تڪراري مسئلو آه?? پر ??ارت اها دعويٰ ڪري رهيو آه?? ته ان جو اڻٽٽ انگ آه??، 5 آگسٽ جي غيرقانوني قدم کانپوءِ ڀارت وا??اريل ڪشمير ۾ اهڙا قانون لاڳو ڪيا آه?? جن جو مقصد مسلم اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آه??. گيمبيا جي اڳوڻي چيف جسٽس علي نواز چوهاڻ سيمينار کي خط??ب ڪندي چيو ته ڀارت ڪشمير جي ڊيموگرافي تبديل ڪري رهيو آه??، ڪنهن به تڪراري علائقي ۾ اهڙي ڪا به ڪارروائي ۽ ماڻهن تي ظلم جنگي ڏوهه آه??. هن چيو ته انهن معاملن کي گڏيل قوم ۽ ٻين عالمي قانوني فورمن تي کڻي وڃي سگهجي ٿو. سينيٽر مشاهد حسين سيد سيمينار جي شرڪت ڪندڙن کي خط??ب ڪندي چيو ته 5 آگھسٽ 2019ع جو قدم گڏيل قومن جي قراردادن جي ابتڙ ۽ پاڪستان سان معاهدن تي حملو آه??. هن چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ 50 هزار ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، پراپرٽي لاء به تبديل ڪيا ويا آه??. هن چيو ته ڀارت ان دوران ڪشمير جي مع??شت کي 5.3 ارب ڊالر جو نقصان پهچايو آه?? جڏهن ته ن جي نتيجي ۾ 5 لک ماڻهن کي بيروزگار ڪيو ويو. سينيٽر مشاهد حسين سيد چيو ته ڀارت جو اصل هدف پاڪستان کي غيرمستحڪم ڪرڻ آه??. ڪشميري دانشور اڪٽر وليد رسول چيو ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ جو قدم غيرقانوني، غيراخلاقي ۽ غيرآئيني آه??. هن چيو ته ڀارت رياستي دهشتگردي سان وا??اريل ڪشمير جي معصوم ماڻهن کي نه ٿو دٻائي سگهي. مقررين چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل رهندا، ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين جو ڪشمير تي هڪ جهڙو موقف آه??. 5 آگسٽ 2019ع جو ڀارت جي حڪمران ڀارتيا جنتا پارٽي جو ڪشمير بابت آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪرڻ جو مقصد رياست ۾ بي جي پي کي اقتدار ۾ آڻڻ آه??.