اسلام آباد – 23 – جون (اي پي پي) پاڪستان اف??انستان ۾ شديد زلزلي جي متاثرين جي لاءِ امدادي سامان روانو ڪري ڇڏيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي پاڪستان اف??انستان جي زلزلي متاثرين جي لاءِ امدادي سامان روانو ڪيو آهي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي پاران کيپ جو بندوبست ڪيو ويو جنهن ۾ خيما، ڪمبل ۽ هنگامي دوائن تي ٻڌل سامان شامل آهي. پاڪستان اف??انستان جي ڪجهه علائقن ۾ ايندڙ 6.1 شدت جي زلزلي کان متاثر اف??ان خاندانن جي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪر??ئي آهي.