اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گڏيل عرب امار??ت جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان شيخ خليفه زيد بن النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ابوظهبي ۾ مرحوم شيخ خليفه بن زيد النهيان جي لاڏاڻي تي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان تعزيت ڪئي. تعزيتي اجلاس ۾ شاهي خاندان جا ٻيا ماڻهو به موجود هئا. وزيراعظم سان ??ڏ دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستان جو سفير افضل ??حمود پڻ موجود هو. وزيراعظم گڏيل عرب امار??ت جي قيادت سان پاڪستان جي قيادت، حڪ??مت ۽ عوام جي گهري همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن ۾ ٻڌل آهن. مرحوم شيخ خليفه بن زيد النهيان جي قيادت ۾ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امار??ت جا لاڳاپا نئين بلندين تي پهتا. هو پاڪستان جو مخلص دوست هو. سندس اڻٿڪ خدمتن کي پاڪستان جي حڪ??مت ۽ عوام وڏي عرصي تائين ياد رکندي. گڏيل عرب امار??ت جي ڀائر ماڻهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي پاڪستان حڪو??ت 13 کان 15 مئي 2022ع تائين ٽي ڏينهن قومي سوڳ جو اعلان ??يو آهي، جنهن ۾ قومي جهنڊو سرنگون رهندو.