اسلام آباد – پهرين – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اين ايف سي انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، مل??ان ۾ مارچ 2017ع کان سينيٽ جو اج??اس منعقد نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سينيٽ ??يمبرن جي مقرري ۾ وڌيڪ ڪا به دير نه ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اين ايف سي انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، مل??ان تي بريفنگ دوران ڪيو. اج??اس ۾ تعليم واري وفاقي سيڪريٽري ناهيد دراني ۽ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اختر علي ملڪ شرڪت ڪئي، صدر چيو ته يونيورسٽي پنهنجي سينيٽ جي ميمبرن جي مقرري جي عمل کي تيز ڪري، اداري جي سينيٽ جو اج??اس جلد کان جلد منعقد ڪيو وڃي، مارچ 2017ع کان سينيٽ جو اج??اس منعقد نه ٿيڻ تي صدر ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته سينيٽ ??يمبرن جي مقرري ۾ وڌيڪ ڪا به دير نه ڪئي وڃي، سينيٽ ج?? اداري ۾ گڊ گورننس يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار هوندو آهي. هن چيو ته مارڪيٽ کان بهترين ماڻهن کي سينيٽ جو ميمبر مقرر ڪيو وڃي، صدر گريجوئيٽس جو تعداد وڌائڻ لاءِ هائبرڊ ذريعي تعليم تي ڌيان ڏيڻ تي به زور ڏنو.