اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هڪ بيواهه کي ل??ئيف انشورنس ڪليم جي ادائيگي ۾ 7 سال جي غيرضروري دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن (ايس ايل آئي سي پي) کي 4 لک 12 هزار رپين جي ب??مي جي رقم بيواهه کي ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. صدر بيواهه کي دير سبب مالي نقصان کان بچائڻ جي ل??ءِ ادائيگي جي رقم ۾ ناڻي واڌ جي ل??ڳت ۾ اضافي کي شامل ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. صدر چيو ته انشورنس ڪمپني بيواهه کان معافي وٺي، مالياتي نظام جو رويو تبديل ڪري ۽ 30 ڏينهن ۾ وفاقي محتسب کي تعميل جي رپورٽ جمع ڪرائي. صدر اهي حڪم وفاقي محتسب ??ي فيصلي جي خلاف اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن جي نمائندگي کي رد ڪندي جاري ڪيا آهن. تفصيل موجب مرحوم زاهد الطاف ڀٽي اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن (ايس ايل آئي سي پي) کان 6 جولاءِ 2007ع ۽ 25 جون 2010ع تي ترتيبوار 212000 رپيا ۽ 200000 رپين جي ب??مي جون ٻه لائيف انشورنس پاليسيون حاصل ڪيون هيون. 20 مارچ 2015ع تي الطاف ڀٽي جو لاڏاڻو ٿي ويو ۽ سندس گهرواريءَ فوزيه زاهد ڀٽي (شڪايت ڪندڙ) انشورنس ڪليم جي ادائيگي ل??ءِ انشورنس ڪمپني سان رابطو ڪيو پر ڪمپني ان بنياد تي رقم ادا ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته فوتي ب??مي کان اڳ مريض هو ۽ کيس جگر جي بيماريءَ / هيپاٽائيٽس سي جي مرض ۾ مبتلا هو جنهن تي مرحوم جي بيواهه فوزيه زاهد ڀٽي وفاقي محتسب وٽ شڪايت داخل ڪرائي، وفاقي محتسب ??سٽيٽ لائيف کي رقم ادا ڪرڻ ۽ 30 ڏينهن جي اندر تعميل جي اطلاع ڏيڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي محتسب ??ي حڪمن تي عملدرآمد ڪرڻ بدران اسٽيٽ لائيف صدر وٽ محتسب ??ي فيصلي جي خلاف درخاوست داخل ڪئي. صدر اسٽيٽ لائيف جي نمائندگي کي رد ڪندي انشورنس آرڊيننس مجريه 2000ع جي سيڪشن 80 جو حوالو ڏيندي چيو ته پاليسي حاصل ڪرڻ جي ٻن سالن کانپوءِ غلط بياني يا حقيقتون لڪائڻ تي انشورنس پاليسي تي سوال نه ٿو اٿاري سگهجي، ايجنسي پنهنجي د??وي?? کي ثابت ڪرڻ، انشورنس کان اڳ بيماري جي موجودگي بابت ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته اسٽيٽ لائيف جي پنهنجي فيلڊ آفيسر جي ڳجهي رپورٽ ۾ ب??مي شده کي صحتمند قرار ڏنو ويو هو ۽ رڳو منافعو ڪمائڻ جي ل??ءِ اخلاقي اصولن ۽ همدردي کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته اسٽيٽ لائيف فضول بهانن سان ڪم ورتو، غيراخلاقي طريقي سان ادائيگي ۾ دير ڪئي. صدر بيواهه کي دير جي ڪري مالي نقصان کان بچائڻ جي ل??ءِ ايجنسي کي انشورنس جي رقم ۾ ناڻي واڌ جي ل??ڳت به شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.