اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته يوڪرائن جي صورتحال سان اسرندڙ ملڪن تي بدترين معاشي اثر پوندا، هتي حالتن کي معمول تي آڻڻ ۽ فوري سيز فائر جي ضرورت آه??. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته هن يورپي يونين ڪائونسل جي صدر چارلس مائيڪل سان يوڪرائن جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ فوجي ت??رار جاري رهڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان جي اسرندڙ ملڪن تي بدترين معاشي اثرن تي روشني وڌي. هن فوري سيز فائر ۽ حالتون معمول تي آڻڻ جي ضرورت تي زو?? ڏنو. هن انساني امداد جي ضرورت تي زو?? ڏيندي چيو ته تڪرارن کي ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري سان حل ڪرڻ جي ضرورت آه??، اسان ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ته پاڪستان جهڙا ملڪ ان صورتحال ۾ سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪري سگهن ??ا. ??زيراعظم چيو ته هو گڏيل مقصدن جي فروغ لاءِ ويجهي رابطي جو خواهشمند آه??.