ماسڪو – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ روسي صدر ولادي مير پيوٽن ون آن ون ملاقات ۾ معيشت، واپار ۽ تو??نا??ي جي شعبن ۾ تعاون سميت ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان کان اڳ روسي فيڊريشن جي ايگزيڪي??ٽو هيڊڪوارٽرز ڪريملن پهچڻ تي صدر پيوٽن وزيراعظم عمران خان جو شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم عمران خان ۽ روسي صدر ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن، بطرفي واپار، معيشت ۽ تو??نا??ي خاص طور تي پاڪستان اسٽريم گئس پائيپ لائين منصوبي ۾ تعاون ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. 23 سالن کانپوءِ ڪنهن پاڪستاني وزيراعظم جو روس جو هي پهر??ون دورو آهي ۽ ان دوري ک?? ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي تجديد لاءِ هڪ تاريخي قدم قرار ڏنو پيو وڃي.