بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) منصوبابندي، ??رقي، ??ڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته وزيراعظم جي دوري کانپوءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي، ??راعت ۽ صنعت جي شعبي ۾ چيني سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته چين جي دوري دوران اسان جون چيني سيڙپڪارن سان ملاقاتون ٿي ر??يون آهن جيڪي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکن ٿا. وزيراعظم پاڻ انهن جي سڌوسنئون ڳالهه ٻڌي ر??يو آهي ۽ جيڪي نقطا اهي اٿاري ر??يا آهن انهن جو جواب ۽ سمورين وزارتن کي ان حوالي سان عملدرآمد جي لاءِ حڪم پڻ جاري ڪري ر??يو آهي. وزيراعظم عمران خان چيني وزيراعظم لي سان ملا??ات پڻ ڪري ر??يو آهي ۽ پاڪستان جن ش??بن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ درخواست ڪري ر??يو آهي انهن تي به غور ٿيندو. چيني صدر شي جن پنگ سان آچر ڏينهن ٿيندڙ ملا??ات ۾ وزيراعظم عمران خان اهي ئي نقطا اٿاريندو. اميد آهي ته هن دوري کانپوءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي، ??راعت ۽ صنعت جي شعبي ۾ چيني سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو.