اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته حڪومت آزاد صحافت تي يقين رکي ٿي، سپريم ڪورٽ جي ڪوريج انتهائي اهم ۽ حساس معاملو آه??، ڪورٽ رپورٽر سٺي طريقي سان اها ذميد??ري سرانجام ڏئي رهيا آه??. اهڙن خيالن جو اظهار چوڌري فواد حسين پريس ايسوسيئيشن آف سپريم ڪورٽ جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي ڪيو. اطلاعات و??ري وفاقي وزير راجا محسن اعجاز کي صدر ۽ عديل سرفراز کي جنرل سيڪريٽري چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته عدليه تي عوام تي اعتماد وڌائڻ ۾ ڪورٽ رپورٽنگ جو اهم ڪردار آه??، چوڌري فواد حسين چيو ته عوام کي قانوني معاملن ۽ اهم عدالتي فيصلن کان آگاهي فراهم ڪرڻ ۾ ڪورٽ رپورٽرز جون خدمتون تحسين جي لائق آه??، اطلاعات ۽ نشريات و??ري وزير چيو ته صحافين جي ڀلائي لاءِ قدم اسان جو عزم آه??. صحافين کي ترجيحي بنيادن تي صحت ڪارڊ فراهم ڪنداسين. چوڌري فواد حسين چيو ته صحت ڪارڊ جي ذريعي صحافي پنهنجو ۽ پنهنجي خاندان جي لاءِ 10 لک روپين تائين جي مفت علاج جي سهولت حاصل ڪري سگهندا. اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير پريس ايسوسيئيشن آف سپريم ڪورٽ جي نون چونڊيل عهديدارن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو به اظهار ڪيو ۽ چيو ته اميد آه?? ته نوان چونڊيل عهديدار صحافين جي ڀلائي سميت ذميداراڻي صحافت جي فروغ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.