ڪراچي – 30 ڊسمبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف چيو آهي ته موجوده حڪومت عوام کي صحت جون بهترين خدمتون فراهم ڪ??ڻ تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي، شا??رد پنهنجي پڙهائي جي عملي رخن ۽ دائري ڪار تي هڪجهڙو ڌيان ڏين ته جيئن تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ کين ملازمتون ملي سگهن، اقرا يونيورسٽي جي انتظاميه عوامي آگاهي جي لاءِ گهٽ مراعته يافته علائقن ۾ به ص??ت بابت آگاهي ڪيمپ لڳائي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اقرايونيورسٽي نارٿ ڪيمپس جي شا??ردن ۽ فيڪلٽي ميمبرن سان يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ جسماني تندرستي جي حوالي سان پوسٽر سازي مقابلي جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي پوسٽر سازي مقابلي جي انعقاد تي شا??ردن، فيڪلٽي ميمبرن ۽ اقرا يونيورسٽي جي انتظاميه کي ساراهيو. هن چيو ته شا??ردن جي تيار ڪيل پوسٽرز معلوماتي آهن، صحت ۽ تندرستي جي باري ۾ آگاهي جي حوالي سان وڌيڪ مفيد ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته ان قسم جي پوسٽرز کي اسڪولن ۾ به لڳائڻ گهرجي ڇو ته اهي شا??ردن ۾ جسماني تندرستي کي برقرار رکڻ لاءِ احتياطي تدبيرن جي باري ۾ بيداري پيدا ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ مفيد ثابت ٿيندا. هن شا??ردن جي مسڪرائيندڙ چهرن کي ڏسي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته ان مان انهن جي پڙهائي ۾ جوش ۽ دلچسپي ظاهر ٿئ?? ٿي. بيگم ثمينه عارف علوي اقرا يونيورسٽي جي شا??ردن کي به مشورو ڏنو ته هو خصوصي ٻارن ۾ بهترين ص??ت برقرار رکڻ لاءِ احتياطي تدبيرن جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ به ڪم ڪن. خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته معذور ٻارن کي به اسان سڀني جي تعاون جي ضرورت آهي، مختلف صلاحيتون رکندڙ ٻار به عام زندگي گذارڻ ۽ معاشري جو ڪارآمد شهري بڻجڻ لاءِ همدردي حاصل ڪرڻ جا مستحق آهن. خاتون اول چيو ته اقرا يونيورسٽي جي انتظاميه عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ گهٽ مراعته يافته علائقن ۾ به ص??ت بابت آگاهي ڪيمپ لڳائي. هن چيو ته موجوده حڪومت عوام کي صحت جون بهترين خدمتون فراهم ڪ??ڻ لاءِ به ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي. ان کان اڳ هن پوسٽر سازي مقابلي جو جائزو ورتو ۽ شرڪت ڪندڙن جي تيار ڪيل پوسٽرز ۾ گهري دلچسپي ورتي، ان موقعي تي اقرا يونيورسٽي پاران خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي کي شيلڊ به پيش ڪئي وئي، ان کانپوءِ بيگم ثمينه عارف علوي پوسٽر مقابلي جي فاتح ۽ رنراپ کي شيلڊز ڏنيون.