اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري ف??اد حسين چيو آهي ته ايندڙ سال پاڪستان جي ناليوارن موسيقارن، آرٽسٽن ۽ فل??ن جي لاءِ 22 نيشنل ايوارڊز ڏنا ويندا، فل??، ميوزڪ ۽ ٽي وي نيشنل ايوارڊز جي ??ري??ي اٽڪل 25 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم موسيقارن، فنڪارن ۽ فل?? ميڪرز کي ڏني ويندي، نيشنل ايوارڊز جي ??ري??ي فل??، ڊرامي ۽ موسيقي کي فروغ ڏنو ويندو، تفريحي چينلز کي پهريون ڀيرو حڪومت جي اشتهارن جي پال??سي ۾ شامل ڪيو ويو آهي، نئين فل?? پال??سي مڪمل ڪئي وئي آهي، فل?? جي صنعت ۾ مراعتون ڏنيون آهن، ظهيرالدين بابر تي ازبڪستان سان گڏ جڏهن ته علامه محمد اقبال تي ايران سان گڏجي فل??ون تيار ڪري رهيا آهيون، ملٽي ملين ڊالرز جون اهي فل??ون عالمي معيار جون هونديون. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت، پاڪستان ٽيليويزن ۽ پاڪستان آرٽس ڪائونسل جي وچ ۾ نيشنل ايوارڊز جي حوالي سان مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن واري تقريب کانپوءِ پريس اڪنفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ماضي ۾ پاڪستان جو بيانيو پيش ڪرڻ جي ??ري??ن کي ڪمزور ڪيو ويو، فل??، ڊرامي ۽ موسيقي جا شعبا ڌيان نه ڏيڻ جو شڪار رهيا، 60ع جي ڏهاڪي ۾ اسان دنيا جا ٽئين نمبر تي وڏا فل?? ميڪا هئاسين جڏهن ته سئنيما گهرن جي لحاظ کان به پاڪستان دنيا ۾ ٽئين يا چوٿين نمبر تي هو. هن چيو ته ايندڙ سال فل??، ميوزڪ ۽ ٽيليويزن ايوارڊ ??ري??ي ناليوارن موسيقارن، آرٽسٽن ۽ فل??ن جي لاءِ 22 ايوارڊز ڏنا ويندا، اٽڪل 25 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي رقم انهن ايوارڊز جي ??ري??ي موسيقارن، فنڪارن ۽ فل?? ميڪرز کي ڏني ويندي. هن چيو ته نئين فل?? پال??سي مڪمل ڪئي وئي آهي، فل?? جي صنعت ۾ مراعتون ڏنيون آهن. هن چيو ته مقامي م??اد جي حوصلا افزائي جي لاءِ پرڏيهي م??اد تي ٽيڪسز هنيا ويا آهن، اڪثر ٽيليويزن چينل غيرملڪي ڊراما درآمد ڪن ٿا، ان سان مقامي سطح تي تيار ٿيندڙ ڊراما بري طرح متاثر ٿين ٿا. هن چيو ته اشتهارن ۾ غيرملڪي اداڪارن کي ٽيليڪاسٽ ڪرڻ سان اسان جي پنهنجي اداڪارن جو روزگار متاثر ٿئي ٿو. وڏيون ڪمپنيون مقامي اداڪارن ۽ ماڊلز کي نظرانداز ڪري ٻاهرئين ملڪ مان ماڊلز ۽ ايڪٽرز کي آڻين ٿيون، اهڙن اشتهارن تي به ٽيڪس لڳايا پيا وڃن ته جيئن اهڙي قسم جي قدمن جي حوصلا شڪني ٿي سگهي. چوڌري ف??اد حسين چيو ته پاڪستان ۾ خوبصورت جايون موجود آهن جتي فل?? سازي جي لاءِ اين او سي جي طريقيڪار کي آسان بڻايو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته پي ٽي وي جي اندر فل??ز ڊويزن ٺاهي پئي وڃي، ٻه وڏيون فل??ون آخري مرحلن ۾ آهن، ظهيرالدين بابر تي ازبڪستان گڏ جڏهن ته علامه محمد اقبال تي ايران سان گڏجي فل??ون تيار ڪري رهيا آهيون، اهي ٻئي فل??ون ملٽي ملين ڊالرز جون هونديون، انهن جي پراڊڪشن ۽ ڪاسٽ انٽرنيشنل معيار جي هوندي. چوڌري ف??اد حسين چيو ته ٽيپو سلطان تي فل?? پرائيويٽ ڪمپني سان گڏجي ٺاهي پئي وڃي، پي ٽي وي فل??ز تي نوجوان فل?? ميڪرز کي موقعا ڏنا ويندا. هن چيو ته نوجوان فل?? ميڪرز اڳتي اچن، اسان سان گڏجي فل?? پروڊيوس ڪن، اسان انهن کي مارڪيٽنگ جي سهولتن سميت هر ممڪن تعاون فراهم ڪنداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فل?? انڊسٽري جي بحالي جي لاءِ اسان هر ممڪن قدم کڻنداسين، سئنيما گهرن تي خاص ڌيان ڏيندي بجلي جي اگهن ۾ رعايت سميت ٽيڪسن ۾ پڻ گهٽتائي ڪئي آهي. هڪ سئنيما اسڪرين سان 23 خاندانن کي روزگار ملي ٿو، اين سي او سي سان گڏجي سئنيما گهرن کي کولڻ جي لاءِ قدم کنيا، نان انڊين پنجابي فل??ن جي اجازت ڏني. هن چيو ته تفريحي چينلز کي پهريون ڀيرو حڪومت جي اشتهارن جي پال??سي ۾ شامل ڪيو ويو آهي، اسان تفريحي چينلز کي مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان جي ڪوشش آهي ته اسان پاڪستان جي اسٽوري پيش ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ميڊيمز کي مضبوط بڻايون. ان موقعي تي آرٽس ڪائونسل پاڪستان جي صدر احمد شاهه چيو ته پاڪستان جي آثقافت ۽ علائقائي زبانن کي فروغ ڏنو ويندو، ايندڙ سال 11، 12 ۽ 13 مارچ تي 15 هين عالمي اردو ڪانفرنس اسلام آباد ۾ ٿيندي جنهن ۾ سڄي پاڪستان مان ماڻهو شرڪت جي لاءِ ايندا. ان کان اڳ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت، پاڪستان ٽيليويزن ۽ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان جي وچ ۾ نيشنل ايوارڊز جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ٿيون. ان موقعي تي اطلاعات وارو وفاقي وزير چوڌري ف??اد حسين، اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد، آرٽس ڪائونسل ڪراچي جو صدر احمد شاهه ۽ پي ٽي وي جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر عامر منظور پڻ موجود هئا.