اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) تيرهون ٻن ڏينهن وارو ايشيا – يورپ سربراهه اجلاس خميس تي ڪمبوڊيا ۾ شروع ٿي ويو، پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي نوم – پنهه ۾ منعقد 13 هين ايشيا يورپ ورچوئل ا??لاس (اسيم) ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي. ايشيا يورپ ميٽنگ، ايشيا ۽ يورپ جي وچ ۾ هڪ غير رسمي ڊائلاگ فورم آهي جيڪو ٻنهي خطن ک?? درپيش سياسي، اقتصادي ۽ سماجي مسئلن ک?? حل ڪرڻ لاءِ بڻايو ويو آهي، ان فورم جو بنيادي مقصد گڏيل ا??ترام ۽ برابر حصيداري جي جذبي سان پنهنجي لاڳاپن ک?? مضبوط بڻائڻ آهي، اجلاس ۾ سڄي دنيا جا اڳواڻ، موسميا??ي تبديلي، پائيدار ترقي جي هدفن 2030ع جي ايجنڊا، آفتن جي خطرن ۾ گهٽتائي ۽ اسيم جي مستقبل جي اهم مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري رهيا آهن. سربراهي اجلاس جي پهرين ڏينهن شرڪت ڪندڙن موسميا??ي تبديلي ۽ قدرتي آفتن ک?? منهن ڏيڻ لاءِ جاري ڪوششن ک?? ساراهيندي ايشيا ۽ يورپ جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ اسيم فورم جي منفرد ۽ غير رسمي نوعيت کي برقرار رکندي مستقبل جي چئلينجن ک?? منهن ڏيڻ لاءِ ممڪن حڪمت عملي جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پنهنجي بيانن ۾ اڳواڻن موجوده علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، پاڪستان جي نمائندگي ڪندي اسيم فورم کي خطاب ڪندو ۽ افغانستان سميت علائقائي امن ۽ سلامتي بابت معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو.