فيصل آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حب??ب چيو آهي ته پي ڊي ايم جو احتجاج عوام کي بيوقوف بڻائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي ڇو ته ماڻهو سمورين حالتن کان چڱي ريت آگاهه آهن ۽ انهن کي خبر آهي ت?? ملڪ ۾ ايندڙ مهانگائي جي تازي لهر ڪورونا سبب پيدا ٿيل عالمي حالتن جو نتيجو آهي، جيئن ته پوري دنيا ان کان متاثر ٿي آهي ۽ پاڪستان ??ه انهي دنيا جو حصو آهي ان لاءِ ان ??ا اثر پاڪستان ??ي به پ??ا آهن، باقي دنيا جي ڀيٽ ۾ اسان گهٽ کان گهٽ بار عوام تي وڌو آهي ۽ پنهنجي اوڳاڙين ۽ ٽيڪسز ۾ جيتري قدر ممڪن ٿي سگهيو گهٽتائي ڪئي آهي. هو رسالا 12 فيصل آباد ۾ واٽر فلٽريشن پلانٽ، پارڪ جي رنگ روغن، ڊسپينسري جي تعمير ۽ بحالي، اسٽريٽ پول لائيٽس، رستن جي تعمير ۽ بحالي جي منصوبن جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. هن چيو ته پي ڊي ايم سياسي بيروزگارن جو سرڪس آهي جنهن جي مدارين ملڪ جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي. ان ۾ شامل سياسي يتيمن جون ملڪ ۽ قوم جي ڦريل دولت سان ٺاهيل ملڪيتون ملڪ کان ٻاهر، انهن جا ٻار ٻاهرئين ملڪ ۽ انهن جو ڪاروبار ب?? ملڪ کان ٻاهر آهي، اهي اتي وڏن وڏن محلن ۾ شاهاڻي زندگي گذاري ره??ا آهن ۽ گهر جي هڪ اڌ ماڻهو کي انارڪي پکيڙڻ جي لاءِ هتي ڇڏيو آهي. هن چيو ته اهي ماڻهو مهانگائي جي آڙ ۾ جيڪو ٽوپي ڊرامو ڪري ره??ا آهن ان ??ان ??وام کي بيوقوف نه ٿا بڻائي سگهن ڇو ته جيڪڏهن اهي ماڻهو پنهنجي ٽي ٽي ڀيرا جي 30 سالا اقتدار جي دور ۾ ملڪ کي پاڻڀرو بڻائي ڇڏين ها ته زرعي ملڪ هجڻ جي باوجود اسان کي ڪوڪنگ آئل، داليون، کنڊ ۽ ٻيون شيون ٻاهران ??مپورٽ نه ڪرڻيون پون ها پر انهن عوام جي لاءِ ڪجهه نه ڪيو ۽ سڄو ڌيان پنهنجون ٽجوڙيون ڀرڻ تي ڏنو. هن چيو ته انهن ماڻهن کي پاڻ عوام انهن جي ڪارن ڪرتوتن جي ڪري رد ڪيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم ۽ حڪومت کي عوام جي تڪليف ۽ مهانگائي سبب پيدا ٿيل مشڪلاتن جو احساس آهي جنهن جي لاءِ قدم جاري آهن پر مهانگائي رڳو پاڪستان ۾ ناهي ٿي ڪورونا جي ڪري پوري دنيا ان ??و شڪار ٿي آهي جڏهن ته چين جهڙن ملڪن ۾ مهانگائي جا سمورا رڪارڊ ٽٽي و??ا آهن ۽ پوري دنيا ۾ توانائي جي قيمتن، ايل اين جي، ڪول، ڪنٽينر ٽرانسپورٽيشن جي خرچن ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿيو آهي ۽ 2 هزار ڊالر وارو ڪنٽينر 10 هزار ڊالر تي هليو ويو، اهو ئي نه پر ٽرانسپورٽيشن ٽائم ۾ پڻ ڪيترن ئي مهينن جو اضافو ٿيو جنهن ڪري سپلاءِ ۾ خلل پڻ ان ??و هڪ سبب آهي. هن چيو ته دنيا ۾ پيٽرول 100 سيڪڙو مهانگو ٿيو پر اسان 35 سيڪڙو اضافو ڪيو ۽ پنهنجون اوڳاڙيون گهٽ ڪري عوام کي وڌيڪ بار کان ??چايو. فرخ حب??ب چيو ته وزيراعظم عمران ??ان ??عودي عرب جي دوري تان واپسي تي عوام جي لاءِ هڪ پئڪيج جو اعلان ڪندو جنهن ۾ محدود وسيلن واري طبقي کي فوڊ سپورٽ پروگرام تحت معاونت فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته هيلٿ ڪارڊ جاري ڪرڻ پڻ حڪومت جو اهم پروگرام آهي ۽ خيبرپختونخواهه سميت پنجاب جي ٻن ڊويزنن ساهيوال ۽ ڊي جي خان ۾ سئو سيڪڙو ماڻهن کي اها سهولت ملي وئي آهي جڏهن ته ڊسمبر ۾ لاهور ۽ فيصل آباد سميت صوبي جي سمورن ضلعن جي سمورن خاندانن کي 10 لک رپين تائين جي علاج جي سهولت ملي ويندي جيڪا دنيا جي ترقي يافت?? ملڪن ۾ به نه آهي. هن چيو ته کاڄرو تيل ۽ گيهه جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي لاءِ ڳالهيون جاري آهن جڏهن ته 30 سالن ۾ پهريون ڀيرو زراعت تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽ اسان ??وراڪ جي حوالي سان ??رپلس ٿي ره??ا آهيون. هن چيو ته هن ڀيري ڪمند 25 سيڪڙو وڌيڪ ٿيو آهي ۽ ايندڙ مهيني ڪريشنگ سيزن شروع ٿيڻ تي کنڊ جي قيمت گهٽ ٿي ويندي. فرخ حب??ب چيو ته سيپٽمبر تائين لڳايل ڀاڄيون ايندڙ مهيني مارڪيٽ ۾ اچي وينديون جنهن سان ڀاڄين جا اگهه پڻ گهٽ ٿيندا، ڪپهه جي پيداوار ۾ 60 سيڪڙو، مڪئي ۾ 18، چانور ۾ 18 کان 20 سيڪڙو اضافي جا فائديمند نتيجا نڪرندا ۽ ملڪ فوڊ ۾ سرپلس ٿي ويندو. هن چيو ته وزيراعظم عمران ??ان ??عودي شهزادي محمد بن سلمان ??ي خاص دعوت ۽ ماحوليات تي عالمي ڪافنرنس ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي ويو آهي جڏهن ته ان ??وري سان ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.