اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) وقتي صدر محمد صادق سنجراڻي محسن پاڪستان ۽ ائٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدا??قد??ر خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ ??يڊيا ونگ پاران جاري تعزيتي پيغام ۾ وقتي صدر چيو ته مرحوم جي خدمتن کي سنهري لفظن ۾ لکيو ويندو ۽ ملڪي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ لاءِ مرحوم سائنسدان عبدا??قد??ر جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته ڊاڪٽر عبدا??قد??ر خان جي خدمتن تي پوري قوم کي فخر آهي. ملڪ جي لاءِ ڊاڪٽر عبدا??قد??ر جي اڻٿڪ خدمتن کي سدائين ساراهيو ويندو. پوري قوم سندس لاڏاڻي تي ڏکويل آهي. وقتي صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت ۽ درجا بلند فرمائي ۽ ڏکويل خاندان کي اهو صدمو صبر ۽ حوصلي سان برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. هن چيو ته مرحوم ائٽمي سائنسدان عبدا??قد??ر جي جنازي نماز فيصل مسجد ۾ ادا ڪئي ويندي. جنازي نماز ۾ وقتي صدر محمد صادق سنجراڻي پڻ شرڪت ڪندو. سينيٽ جي دپٽي چيئرمين سينيٽر مرزا محمد آفريدي، سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم، مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر سيد يوسف رضا گيلاني پڻ ائٽمي سائنسدان عبدا??قد??ر خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي پنهنجي جدا جدا تعزيتي پيغامن ۾ الله تعاليٰ کان مرحوم جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.