اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته خيبرپختونخ??ا صوبي جي قبائلي علائقن ۾ بدامني جي ڪري معاشي سرگرميون تمام گهڻيون متاثر ٿيون آهن، اسان اتي معمول جون معاشي سرگرميون بحال ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. افغانستان ۾ امن سان وچ ايشيا تائين نوان رستا کلندا جنهن سان خطي ۾ ترقي جو نئون دور ايندو.
پارليامينٽ هائوس ۾ قبائلي ضلعن (اڳوڻي فاٽا) جي ترقي لاءِ قائم خصوصي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن جي صدارت قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڪئي. اجلاس ۾ اڳوڻي فاٽا سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي جي چونڊيل ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ خيبرپختونخ??ا صوبي ۾ معاشي سرگرمين جي بحالي ۽ اتي ترقياتي منصوبن ۽ مسئلن جي حل لاءِ تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس کانپوءِ اسپيڪر ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته خيبرپختونخ??ا صوبي جي ترقي جو معاملو ڪنهن حڪومت ۽ مخالف ڌر جو معاملو نه آهي اسان سڀني کي گڏجي ان جو حل ڪڍڻو آهي،
هن چيو ته ماضي ۾ فاٽا ۾ بدامني جي ڪري اتان جي معيشت بري طرح متاثر ٿي، اسان کي ??ن معيشت کي بحال ڪرڻو آهي، ان ڏس ۾ اسان کي افغانستان جي صورتحال کي به ڏسڻو آهي، ان لاءِ انهن مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ ضروري آهي، ان سلسلي ۾ حڪومت، مخالف ڌر ۽ پارٽي وابستگين ک??ن مٿانهون ٿي ڪري سوچڻ جي ضرورت آهي، اسپيڪر چيو ته اسان کي ان علائقي کي گڏجي ترقي ڏيڻي آهي ۽ گڏيل طور تي اڳتي وڌڻو آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ نئين حڪومت قائم ٿي آهي اسان خطي ۾ استحڪام چاهيون ٿا.
افغانستان ۾ امن کانپوءِ وچ ايشيا تائين رستا کلندا جنهن سان خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي جو نئون دور ايندو. اسپيڪر چيو ته فاٽا جي حوالي سان اسان 45 ڏينهن ۾ پنهنجون سفارشون مڪمل ڪنداسين، اهو ئي سبب آهي ته اسان 3 گروپ ??وڙ??ا آهن ۽ جلد ئي ان حوالي سان وڏي ڪنوينشن جو انعقاد به ڪنداسين، هاڻي جيڪڏهن اسان اهو مسئلو نه ڪيو ته مستقبل ۾ ان جا سٺا اثر نه پوندا.