اسلام آباد/ نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ا??غا??ين جي منجمند اثاثن کي کولڻ سان ا??غا??ستان کي انساني بحران مان ڪڍڻ ۾ مد ملندي، ذميدارڻي طرز عمل طالبان جي پنهنجي مفاد ۾ آهي، هندستان پاڪستان ۾ عدم استحڪام چاهي ٿو، هن اسان جي خلاف ا??غا?? سرزمين کي استعمال ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير نيويارڪ ۾ جاري گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي فارن پريس ايسوسيئيشن سان ورچوئل ملاقات ڪري رهيو هو. هن چيو ته ا??غا??ستان جي صورتحال بدلجي رهي آهي، عالمي برادري کي طالبان مان ڪجهه اميدون آهن جڏهن ته ڪجهه ڌُرين جو خيال آهي ته طالبان جي موجوده قيادت اجتماعيت جي حامل نه آهي، پر منهنجي ڄاڻ موجب هاڻي ا??غا??ستان ۾ طالبان قيادت، وسعت پذير ٿي رهي آهي ان ۾ ا??غا??ستان جي ٻين قوميتن کي به شامل ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته آمريڪي قيادت موجب ا??غا??ستان ۾ انهن جو مشن مڪمل ٿي چڪو آهي، هدف حاصل ڪرڻ کانپوءِ ا??غا??ستان م??ن غير م??ڪي فوج جو نڪرڻ درست فيصلو هو. شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته هندستان پاڪستان ۾ عدم استحڪام چاهي ٿو، هندستان اسان جي خلاف ا??غا?? سرزمين کي استعمال ڪيو. جنهن جي ناقابل ترديد ثبوت اسان دنيا جي سامهون رکيا. انساني حقن جي پ??سداري کي امتيازي نه ٿيڻ گهرجي. اسان خطي ۾ امن ۽ استحڪام جا خواهشمند آهيون، ڀارت اسان جي امن خواهش ۾، ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفا قدم کڻي صورتحال کي وڌيڪ ڳنڀير ۽ پيچيده بڻايو. پرڏيهي وزير چيو ته ا??غا??ين جي منجمند اثاثن کي کولڻ سان ا??غا??ستن کي انساني بحران مان ڪڍڻ ۾ مدد ملندي، عالمي برادري کي ان نازڪ تاريخي موڙ تي ا??غا??ين کي اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ڪابل مان مختلف ملڪن جي سفارتي عملي ۽ شهرين جي محفوظ طريقي سان نڪرڻ ۾ ڀرپور مدد ڪئي پ?? بدقسمتي سان پاڪستان جي مثبت ڪوششن جو قدر نه ڪيو ويو.