اسلام آباد/نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي افغانستان جي حوالي سان يورپي يونين جي قراردادن ۾ پا??ستان بابت منفي ۽ غيرمنطقي حوالن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهڙي قسم جا غيرمنطقي حوالا پا??ستان ۽ يورپي يونين جي گڏيل لاڳاپن سان هڪ جهڙائي نه ٿا رکن ۽ اهو امن جي فروغ لاءِ پا??ستان جي ڪوششن کي نظرانداز ڪرڻ جي برابر آهي، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پا??ستان تمام گهڻو مالي ۽ جاني نقصان برداشت ڪيو آهي. اها ڳالهه هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه جوزف بوريل سان ملاقات دوران چئي. ڳالهه ٻولهه دوران ٻطرفن لاڳاپن ۽ افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ امن قائم ٿيڻ نه رڳو پا??ستان پر پوري خطي جي امن ۽ استحڪام جي لاءِ لازمي آهي. انساني ۽ معا??ي بحران جي نظر ايندڙ خطري جي ڏس ۾ عالمي برادري کي افغانستان جي معاونت کي جاري رکڻو پوندو. پرڏيهي وزير يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه کي ٻين يورپي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ٿيندڙ رابطن کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير افغانستان جي حوالي سان يورپي يونين جي قرارداد ۾ پا??ستان بابت من??ي حوالن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اهڙي قسم جا غيرمنطقي هوالا پا??ستان ۽ يورپي يونين جي گڏيل لاڳاپن سان هڪ جهڙائي نه ٿا رکن ۽ امن جي فروغ لاءِ پا??ستان جي ڪوششن کي نظرانداز ڪرڻ جي برابر آهي. پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان مان مختلف ملڪن جي سفارتڪارن ۽ ٻين عملدارن جي محفوظ انخلا کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پا??ستان ڀرپور معاونت ڪئي. ٻطرفن لاڳاپن جي ڏس ۾ پرڏيهي وزير پا??ستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ تعاون جي نوعيت تي اطمينان جو اظهار ڪندي پا??ستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ سياسي ۽ اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جلد منعقد ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير ۽ يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه افغانستان تي ويجهو رابطو برقرار رکڻ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏجي ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.