اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ناڻي واري وزير شوڪت فياض ترين ملاقات ڪئي. ناڻي واري وزير وزيراعظم کي ڪامياب پاڪستان پروگرام تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. ڪامياب پاڪستان پروگرام نه رڳو نوجوانن کي ??سان قسطن تي قرض جي فراهمي سان پنهنجو روزگار فراهم ڪندو پر وچولي طبقي کي پنهنجي ڇت حا??ل ڪرڻ لاءِ به قرض فراهم ڪندو. ان کانسواءِ آبادگارن جي مالي مدد جنهن ۾ جديد ٽيڪنالا??ي ۽ مشينري کي حا??ل ڪرڻ لاءِ قرض به شامل آهي سان زراعت جي شعبي ۾ به نمايان ترقي ممڪن ٿي سگهندي، وزيراعظم ڪامياب پاڪستان پروگرام تي اڳڀرائي کي ??سلي بخش قرار ڏيندي چيو ته اهو پاڪستان جي تاريخ جو پهريو اهڙو پروگرام آهي جيڪو ماڻهن کي ??وزگار، پنهنجو گهر ۽ زرعي مشينري حا??ل ڪرڻ ۾ مدد ڪندو. ان سان نه رڳو روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا پر معيشت تي مثبت اثر پوندا.