صوابي– 05 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته 7 ڏهاڪا گذري وڃڻ جي باوجود ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد ۾ ڪا به گهٽتائي ناهي آئي، عالمي ادارا ڪشميرين تي ڀ??ر??ي ظلم جو نوٽيس وٺن پاڪستان دنيا ۾ تيزي سان ماحولياتي تبديلين کان متاثر ٿيندڙ ملڪ آهي، خيبرپختونخوا حڪومت ۾ وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ بلين ٽري سو??امي منصوبي جو آغاز ڪيو ويو، بلين ٽري سو??امي منصوبي مان 3 لک 50 هزار ايڪڙ زمين جي واڍي کي روڪيو ويو. جامع صوابي ۾ وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ اسپيڪر ٻوٽو لڳايو. ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته بلين ٽري سو??امي منصوبي جي ڪاميابي جو اعتراف عالمي اداران ??يو. خيبرپختونخوا دنيا جو واحد صوبو بڻجي ويو آهي جنهن ”بون چئلينج“ وقت کان پهرين مڪمل ??يو. هن چيو ته عوام کي درخواست ڪريان ٿو ته وزيراعظم جي ويزن موجب ”بلين ٽري سو??امي“ ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن ته جيئن پنهنجي ٻارن ۽ ايندڙ نسلن کي هڪ سرسبز ۽ صاف پاڪستان ڏئي سگهون. هن چيو ته اڄ 5 آگسٽ استح??ال ڪشمير ڏهاڙي جي موقعي ڀ??رت جي غير آئيني ۽ غير انساني قدمن جي پرزور مذمت ڪريان ٿو. وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستان حڪومت پنهنجي مظلوم ڪشميرين ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. وزيراعظم عمران هر فورم تي مظلوم ڪشميرين جي لاءِ آواز اٿاريو آهي.