اسلام آباد – 24 ??ون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ??ي ٽي وي، ريڊيو ۽ اي پي پي کي موجُوده دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪ??و پيو وڃي، نئين ٽيڪنالاجي ۽ نوان پروگرام آڻي رهيا آهيون، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڊجيٽل ايڊورٽائزنگ پاليسي تيار ڪئي پئي وڃي، ڪيبل جي ڊجيٽلائيزيشن جي عمل سان چئنلز جي ريٽنگ ۾ شفافيت ايندي، اسان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ طرف وڃي رهيا آهيون، پاڪستان ميڊيا چئنلز کي عالمي سياست ۽ مسئلن تي ??يا?? ڏيڻ گهرجي. هو سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪ??يٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائي رهيو هو. اجلاس جي صدر ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته ??اڪستاني چئنلز عالمي سياست ۽ مسئلن تي ??يا?? نه ڏئي رهيا آهن، ملڪي نيوز چئنلز تي صرف ملڪي سياست تي ئي ڳالهه ٿيندي آهي، هن چيو ته ڀارتي حڪومت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي آل پارٽيز ڪانفرنس ط??ب ڪئي پر پاڪستاني ٽي وي چئنلز تي ان بابت ڪا به ڳالهه ناهي ٿي، هن ڪميٽي کي ٻڌايو ته اي پي پي کي ڊجيٽل نيوز ايجنسي بڻائي رهيا آهيون، ان جو فائدو پاڪستاني ميڊيا کي به ٿيندو، وزارت جي ڊجيٽل ميڊيا ونگ کي اي پي پي ۾ ضم ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته ??وجوده حڪومت اي پي پي کي رائٽرز ۽ ايجنس فرانس پريس (اي ايف پي) جي برابر آڻڻ لاءِ پرعزم آهيون.