اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ۽ انتظاميه ن ليگ جي هئي، پوءِ به ڌانڌلي جو روئڻو روئي رهيا آهن، ن ليگ کي پنهنجي شڪست تسليم ڪرڻ گهرجي، مخالف ڌر جڏهن ڪنهن اليڪشن ۾ هارائيندي آهي ته ڌانڌلي جو گوڙ شروع ڪري ڇڏيندي آهي، مخالف ڌر سمجهي ٿي ته چونڊ نظام کي بهتر ڪرڻ جي ضروت آهي ته هو اچي ان تي ڳالهه ڪري، اسان 49 نڪتن تي ٻڌل سڌارا رکي ڇڏيا آهن، جتي اسان غلط آهيون اتي مخالف ڌر پنهنجا سڌارا کڻي اچي، اليڪشن ڪميش?? جي ميمبر?? جي مقرري جي معاملي تي حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ ڪا به رنڊڪ نه آهي، اليڪش?? جي حوالي سان خدشن کي ختم ڪرڻ جي ضروري آهي ته راءِ جي حق جي عمل ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال کي يقيني بڻايو وڃي، وفاقي ڪابينا ٿريٽ اسيسمنٽ ڪميٽي جي قيام جي منظوري کانسواءِ ملڪ جي پهرين ??يشنل سائبر سيڪيورٽي پاليسي ۽ حڪومتي ايڊورٽائيزمينٽ پاليسي 2021ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، پاڪستان ريڊ ڪريسنٽ سوسائيٽي جا جاپان کان پنج ايمبولينس درآمد ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ کانسواءِ وفاقي ڪابينا جمهوريه چيڪ سان ٻٽي شهريت رکڻ جي تجويز جي به منظوري ڏني آهي، ڪابينا کنڊ جي قيمتن تي ضابطو آڻڻ لاءِ فيصلو ڪيو ته 30 نومبر 2021ع تائين کنڊ تي سيلز ٽيڪس لاڳو ايڪس مل پرائس تي ڪيو ويندو، هدف جي مقابلي ۾ ڪورونا ويڪسين ??ڳائڻ جي شرح گهٽ آهي، سرڪاري ملازم?? جي لاءِ ويڪسين ??ڳائڻ لازمي قرار ڏنو پيو وڃي، ويڪسين ??ه لڳايئندڙ?? جي موبائيل فون سم بند ڪرڻ جو آپشن موجود آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته راجا فاروق حيدر چونڊ هارائي آهي ان لاءِ ڌانڌلي جو روئڻو روئي رهيو آهي، هن چيو ته سندس پنهنجي حڪومت ۽ پنهنجو لڳايل اليڪشن ڪمشنر آهي، ته اهڙي ۾ ڌانڌلي ڪير ڪري سگهي ٿو؟ وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي فيصلن کان آگاهه ڪندي هن چيو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي آغاز ۾ وزيراعظم عمران خان کي آزاد ڪشمير اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ جي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني وئي، وفاقي ڪابينا وفاقي وزيرن علي امين گنڊاپور، مراد سعيد، علي محمد خان ۽ شهريار آفريدي سميت ٻين سمورن ماڻهن کي ساراهيو جنهن ان اليڪشن مهم ۾ حصو ورتو. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي ڪشمير ۾ ڪاميابي وزيراعظم جي پاليسي?? جي ڪري آهي ۽ اها ڪاميابي مٿس عوام جي اعتماد جو مظهر آهي، هن ٻڌايو ته ڪابينا جي اجلاس ۾ آزاد ڪشمير اليڪشن ۾ اليڪشن ڊيوٽي تي مقرر پاڪ فوج جي چار جوانن ۽ پي ٽي آءِ جي ڪارڪن?? جي شهادت تي فاتحه خواني ڪئي وئي جڏهن ته زخمي?? جي علاج لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون. وزيراعظم هدايت ڪئي ته انصاف ٿيڻ گهرجي ۽ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ڪابينا کي وفاقي گادي واري شهر، پنجاب صوبي ۽ خيبرپختونخوا صوبي ۾ سياسي اڳواڻن سميت وڏن وزيرن، صلاحڪار ۽ خاص مددگارن، ججن، اڳوڻن صدرن، وزيراعظمن ۽ سرڪاري سخصيتن سان مقرر سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ انهن تي ايندڙ خرچ?? جي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد پوليس پاران صدر، وزيراعظم، گورنرز، وڏن وزيرن، وفاقي وزيرن، مملڪتي وزيرن، صلاحڪارن ۽ خاص مددگار?? جي سيڪيورٽي تي 762 پوليس اهلڪار، 14 رينجرز جڏهن ته 50 ايف سي اهلڪار مقرر آهن جنهن تي ڪل 700.98 ملين سالي??نو خرچ آهي، جج?? جي سيڪيورٽي تي 377 پوليس اهلڪار، 24 رينجرز ۽ 8 ايف سي اهلڪار مقرر آهن جنهن جو خرچ 287.368 ملين روپيا سالي??نو آهي، لاهور ۾ تقريبن 1143 ملين روپيا خرچ ٿي رهيو آهي، ان ۾ ڪي پي ڪي، سنڌ ۽ بلوچستان شامل نه آهن، اهڙي طرح سرڪاري شخصيت?? جي سيڪيورٽي تي ڪل 106 پوليس اهلڪار، 4 رينجرز، 47 ايف سي اهلڪار مقرر آهن جنهن جو خرچ 109.7 ملين روپيا آهي، ان طرح اهو ڪل خرچ 1098.08 ملين روپيا سالي??نو آهي، پنجاب پوليس پاران وزيراعظم، گورنر، وڏي وزير کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو سالي??نو خرچ 446.86 ملين روپيا آهي، اڳوڻن وڏن وزيرن، وفاقي ۽ صوبائي وزيرن ۽ صلاحڪارن ۽ خاص مددگارن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي مد ۾ 105.87 ملين روپيا، ججن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي مد ۾ 1143.17 ملين روپيا جڏهن ته سرڪاري شخصيتن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي مد ۾ 833.616 ملين روپيا سالي??نو خرچ آهن، اهڙي طرح ڪل خرچ 2529.5 ملين روپيا سالي??نو آهن، سيڪيورٽي جي فراهمي ۾ خيبرپختونخوا پوليس جو سالي??نو خرچ تقريبن 998.34 ملين روپيا آهي، اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته وزيراعظم جو چوڻ هو ته حڪومت جي اولين ترجيح ذميداري ٽيڪس ڏيندڙ?? جي پئسي جو تحفظ آهي، عوام کي اهو اعتماد هجڻ گهرجي سندن ٽيڪس جي پئسي جو جائز استعمال ٿي رهيو آهي،