اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان سع??دي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان السعود ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سع??دي عرب جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپن جي موجوده سطح کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪندي واپار ۽ معيش?? جي شعبي ۾ وڌيڪ اڳڀرائي لاءِ ٻطرفي لاڳاپن کي اداره جاتي سطح تي هموار ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. صدر سع??دي پرڏيهي وزير جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان سع??دي عرب سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏئي ٿو ۽ ڀائر ملڪ سان معاشي ۽ واپاري لاڳاپا وڌائڻ جو خواهشمند آهي، هن چيو ته سع??دي قيادت جو ويزن 2030ع، سرسبز سع??دي عرب ۽ سرسبز وچ اوڀر منصوبو لائق تحسين آهي، صدر چيو ته ڪورونا جي دوران پاڪستاني ڪميونٽي جو خيال رکڻ تي سع??دي قيادت جو ٿورائتا آهيون، عالمي وبا جي دوران حج جي ڪامياب انتظامن تي سع??دي حڪومت مبارڪباد جي مستحق آهي، صدر ملاقات ۾ ڀارتي غير ق??نو??ي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ معصوم مسلمانن تي ڀارتي ظلم ۽ ستم تي روشني وڌي ۽ چيو ته عالمي برادري ڪشمير ۾ ڀارتي انساني حقن جي خلاف ورزين کي روڪرائي ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشميرني کي خودمختياري وارو حق ڏيڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سع??دي پرڏيهي وزير کي خادمين حرمين شريفين، شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي لاءِ نيڪ تنمائن جو پيغام به ڏنو، هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته سع??دي پرڏيهي وزير جي دوري سان ٻطرفي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ان موقعي تي سع??دي پرڏيهي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ حقيقي طور تي ڀائراڻا لاڳاپا آهن، سع??دي عرب ٻطرفي تعاون جي موجوده سطح کي برقرار رکڻ جو خواهشمند آهي، هن چيو ته سع??دي قيادت پاڪستان سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏئي ٿي ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي خواهشمند آهي.