اسلام آباد – 03 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مخالف ڌر هر معاملي ?? ڪنفيوزن جو شڪار آهي، هڪ طرف چون ٿا ته بجيٽ منظور ٿيڻ نه ڏينداسين، ٻئي طرف بجيٽ تي سيمينار ٿي رهيا آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته جيڪڏهن مخالف ڌر پارليامينٽ ۾ آئي ۽ چونڊ سڌارن سميت پنهنجي آئيني ذميواريون پوريون ڪري ته اهو خوش آئنده هوندو.