اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سومر ڏينهن برطانيه جي وزيراعظم بورس جانسن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي ۽ گڏيل رابطن، افغان امن عمل، ڪووڊ 19 وبا ۽ ماحولياتي تبديلي جي موضوع تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم عمران خان 5 جون تي ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي بورس جانسن جي شاندار وڊيو پيغام تي سندس ٿورو ادا ڪيو، وزيراعظم عمران خان اميد ظاهر ڪ??ي ته پاڪس??ان ۽ برطانيه جي وچ ۾ واپار ۽ س??ڙپ??اري سميت ٻين شعبن ۾ مضبوط حصيداري ترقي ڪندي، ٻنهي اڳواڻن اعليٰ سطح جي مٽ??سٽا جي اهميت تي اتفاق ڪيو، وزيراعظم عمران خان برطانيه ۾ ڪووڊ 19 وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ بورس جانسن جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي، هن پاڪس??ان پاران ڪووڊ 19 وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ قدمن کان آگ??هه ڪيو جنهن ۾ انساني زندگين کي بچائڻ سان گڏوگڏ روزگار ۽ معيشت جي تحفظ جا قدم شامل هئا، هن بورس جانسن کي چيو ته هو پاڪس??ان کي ان وبا جي ڪري ملڪن تي سفري پابندين جي ريڊ لسٽ تي وجهڻ جي فيصلي تي نظرثاني ڪري، افغانس??ان جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪس??ان افغانس??ان جي قيادت ۾ انهن جي پنهنجي امن ۽ مفاهمت جي عمل جي حمايت ڪري ٿو،