اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشري??ت واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حديبيه پيپر ملز جو ڪيس نئين سر جاچ جو گهرجائو آه??، جيڪو طريقو حديبيه ۾ پئسا ٻاهر م??ڪل?? جي لاءِ استعمال ٿيو انهي کي بعد ۾ هر ڪيس ۾ اختيار ڪيو ويو، ان ڪيس کي انجام تائين پهچائڻ تمام گهڻو لازمي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاع??ت واري وفاقي وزير چيو ته اڄ وزيراعظم عمران خان کي قانوني ٽيم شهباز شريف جي ڪيسن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني آهي. حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته حديبيه پيپر ملز جو ڪيس نئين سر جاچ جو گهرجائو آهي، ان سلسلي ۾ لاڳاپيل ادارن کي جاچ نئين سري سان شروع ڪرڻ ??ون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.