اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??اري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مريم شيخوپوره وڃي ثابت ڪري ڇڏيو ته جاويد لطيف ادارن جي خلاف بيان سندس آشيرواڌ تي ڏنو هو، ڪو به پاڪستاني جيڪو پاڪستان ۾ پيدا ??يو هج?? ۽ پاڪستان ان کي عزت ڏني هج?? اهو ڪي??ن پاڪستان نه کپي چئي سگهي ٿو، ادارن جي خلاف ڳالهيون ٿينديون ته قانون پنهنجو رستو پاڻ اختيار ڪندو آهي. هو نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائي رهيو هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اڄ اهڙو ماحول ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جهڙوڪ ورلڊ ڪپ کٽي آيا هج??، پاڪستان جي هر باشعور ماڻهو جاويد لطيف جي بيان جي مذمت ڪئي آهي.