اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان ??ميد ظاهر ڪئي آهي ت?? ڪشمير هاڻي آزادي طرف ويندو ڇو ته گذريل سال 5 آگسٽ جي هڪطرفي قدم ذريعي ڪشميرين کي دٻائڻ جا ڀارتي ارادا ناڪام ٿي ويا آهن. ڪشسمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي ??ي جمعي ڏينهن ڪوٽلي ۾ هڪ عوامي جلسي کي خطاب ڪرڻ کانپوءِ نجي ٽي وي چينل (هم نيوز) سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ڀارت 5 آگسٽ تي ڪشميرين کي ڪرش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو پر ڪشميرين جا حوصلا وڌيڪ بلند ٿيا. هن چيو ت?? ڪشميرين کي وڌيڪ عرصي تائين نه ٿو دٻائي سگهجي. وزيراعظم چيو ته تاريخ مان ??ابت ٿيو آهي ته ڪنهن آبادي کي وڌيڪ عرصي تائين دٻائي نه ٿو سگجي ۽ جڏهن ڪا قوم آزادي حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿي ته ڪا به طاقت ان کي نه ٿي دٻائي سگهي. هن چيو ته دنيا ڪشمير مسئلي جي سنجيدگي کي سمجهيو آهي جيڪو گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل سميت عالمي سطح تي اجاگر ٿيو آهي انهي لاءِ پراميد آهيان ??ه هاڻي اهو آزادي طرف ويندو. يورپي يونين جي ڊس انفوليب جي انڪشافن بابت وزيراعظم چيو ته ڀارت پاڻ کي هڪ وڏو ملڪ ۽ وڏي مارڪيٽ هجڻ جي واويلا ڪري ٿو جنهن پاڪستان کي الڳ ٿلڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر پاڪستان کي ماضي جي ڀيٽ ۾ بي مثال عالمي پذيرائي ملي. هڪ سوال تي وزيراعظم چيو ته مون کي يقين ڪونهي ته بائيڊن ان??ظاميا ڪشمير تڪرار تي ثالثي ۾ شامل ٿيندي جهڙي طرح ڊونلڊ ٽرمپ آڇ ڪئي هئي جڏهن ته هن چيو ته ان مسئلي جي حوالي سان ??نيا ۾ شعور موجود آهي، 50 سالن کانپوءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ڪشمير مسئلي تي ٽي ڀيرا بحث ڪيو جنهن مان ??اهر ٿئي ٿو ته اهو هڪ عالمي ايشو بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته ڀارت جي لاءِ هاڻي ظلم جاري رکڻ مشڪل ٿيندو ڇو ته دنيا صورتحال جو مشاهدو ڪري رهي آهي. پاڪستان ڀارت کي ان ??رط تي ڳالهين جي آڇ ڪئي آهي ته هو آرٽيڪل 370 کي بحال ڪندي والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت بحال ڪري.