صوابي – 13 – جنوري (اي پي پي) قومي اسيمب??ي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آ??ي ته ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ پاڪست??ن جي حڪمت عملي ڪامياب رهي آهي، عوام جي ڀرپور تعاون سان اهو ممڪن ٿيو، وزي??اع??م عمران خان ۽ سندس ٽيم جي محنت جي ڪري پاڪست??ن جي معيشت ۾ بهتري آئي آهي، ورلڊ اڪنامڪ فورم سميت دنيا جا ٻيا ادارا پاڪست??ن جي معيشت جي بهتري جي واکاڻ ڪري رهيا آهن، هن وقت ملڪ ۾ وچولو طبقو اقتدار ۾ آهي، اسان عوام جي اميدن تي پورو لهنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن باچا خان ميڊيڪل ڪامپليڪس ۾ نرسنگ ۽ وبائي مرضن جي ??نس??يٽيوٽ جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.