اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) ڪورونا جي وبا کانپوءِ ملڪ ۾ ثقافتي سرگرميُون شروع ٿي وي??ن آهن، سردي جي رُت اچڻ سان ثقافتي سرگرميون وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ لوڪ ميلا سان شروع ٿي وي??ن آهن، اسلام آباد ۾ لوڪ ميلو 6 کان 15 نومبر تائين جاري رهندو، ل??ڪ ميلي جي روزاني سرگرمين ۾ هر صوبو پنهنجي ثقافت جي عڪاسي ڪندو آهي، پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽ پاران روز پتلي تماشو به منعقد ڪيو ويندو، ل??ڪ ميلي دوران بغير ماسڪ داخلا منع آهي، سالياني ثقافتي ميلي جو افتتاح تعليم تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود ڪيو، افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير شفقت محمود چي?? ته ڪورونا جي ڪري هن سال وڌيڪ احتياط جي ضرورت آهي، هن چي?? ته ڪورونا جي حا??تن ۾ ايس او پيز سان ميلي جو انعقاد تعريف جي قابل آهي، ل??ڪ ورثه ثقافت جي رنگن کي پنهنجي اندر سمائي رکي ٿو، هن جديد دور ۾ ڪيترائي ساز ۽ روايتون اڻ لڀ ٿي رهي??ن آهن، وفاقي وزير شفقت محمود چي?? ته اسان کي انهن روايتن کي سنڀالي رکڻو آهي، ۽ اهو واعدو ڪرڻو آهي ته ڪنهن به ورثي کي ختم ناهي ٿيڻ ڏيڻو.