اسلام آب??د ?? 15 آڪٽوبر (اي پي پي) اطل??عا?? ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته جمهوري حڪومت ۽ پارٽي هجڻ جي ناطي اسان مخالف ڌر کي فيملي لميٽيڊ ڪمپني ڪرپشن جي بچاءُ لاءِ جناح اسٽيڊيم ۾ پنڊال سجائڻ جي باقاعده اجازت ڏني آ??ي، عوام کي تنگ ڪرڻ جي لاءِ روڊن تي ڪنهن به صورت ۾ جلسي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، اسان به ماضي ۾ اسٽيڊيم جي اندر جلسا ڪيا، ڪڏهن عوام کي تنگ ڪرڻ جي سياست ناهي ڪئي، مخالف ڌر کان به اهڙي ئي اميد رکون ٿا، پنهنجي وڊيو پيغام ۾ اطل??عا?? ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته فيملي لميٽيڊ ڪمپني ڪرپشن جي بچاءُ لاءِ جيڪو پنڊال سجائي رهي آهي ان جي لاءِ جمهوري حڪومت ۽ پارٽي هُجڻ جي ناطي مخالف ڌر کي جلسي جي اجازت ڏني آ??ي، مخالف ڌر کي چئلينج ڪريون ٿا ته هو جناح اسٽيڊيم کي ڀرين جيڪڏهن عوام کي تنگ ڪرڻ لاءِ روڊن تي جلسو ڪيو ته انهن کي ان جي هر گز اجازت نه ڏني ويندي.