اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان سان يو اين ڊي پي (يونائيٽيڊ نيشنز ڊولپمينٽ پروگرام) جي وفد ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ ٻيا سينئر آفيسر موجود هئا. و??ير??عظم ميڊيا آفيس موجب يو اين ڊي پي جي پاڪستان ۾ موجود نمائنده ايليونه نيڪوليٽا و??ير??عظم عمران خان جي هيومن ڊولپمينٽ ۾ خصوصي دلچسپي کي ساراهيندي چيو ته و??ير??عظم جي ذاتي دلچسپي جتي ملڪ ۾ انساني ترقي جي فروغ جو سبب آهي اتي يو اين ڊي پي جي ??قص??ن جي تڪميل ۾ به مددگار ثابت ٿي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت طرفان سسٽين ايبل ڊولپمينٽ گولز (پائيدار ترقي جا ??قص??) کي اختيار ڪرڻ، انهن ??قص??ن کي حاصل ڪرڻ لاءِ موثر حڪمت عملي ۽ وسيلن جي فراهمي نهايت قابل تحسين آهي، هن ??و اين ڊي پي کي حڪومت طرفان فراهم ڪيل سپورٽ تي و??ير??عظم جو ٿورو ادا ڪيو، يو اين ڊي پي جي وفد ڪووڊ دوران حڪومت پاڪستان جي حڪمت عملي خاص طور تي معاشي عمل جي رواني ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن جي مالي مدد جهڙن قدمن کي ساراهيو.