اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ مٽاسٽا جي ن??ڻي ۽ پرڏيهي ن??ڻي جي ذخيرن ۾ اضافي جي حوالي سان اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ صلاحڪارن ڊا??ٽر عبدالحفيظ شيخ، شهزاد اڪبر، ڊا??ٽر عشرت حسين، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊا??ٽر رضا باقر، ن??ڻي واري سيڪريٽري، ايف بي آر جي چيئرمين ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم جي ميڊيا آفيس موجب اجلاس ۾ مٽاسٽا جي ن??ڻي ۽ پرڏيهي ن??ڻي جي ذخيرن جي صورتحال ۽ ان ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ تجويز ڪيل تجويزن ۽ قدمن تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم جولاءِ 2020ع ۾ ٻاهرين ملڪ پاڪستانين طرفان موڪليل مٽاسٽا جي ن??ڻي ۾ واضح اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ملڪ ۽ قوم جو سڀ کان وڏو قيمتي اثاثو آهن، هن چيو ته مٽاسٽا جي ن??ڻي جي حوالي سان ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي هر ممڪن سهولتو?? فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.