اسلام آباد – 14 جون (اي پي پي) پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ا??س او پيز جون خلاف ورزيون جاري رهيون ته ا??ندڙ مهيني تائين ڪورونا ڪي??ن جو انگ 1.2 ملين تائين پهچي سگهي ٿو. وفاقي وزير اسد عمر اين سي او سي ۾ اجلاس جي صدارت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ان خدشي جو اظهار ڪيو ته حڪومت پاران ڪورونا وائرس تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اي?? او پيز تي عملدرآمد نه ڪيو و??و ته جولاءِ جي آخر تائين ڪورونا وائرس ڪي??ن جو انگ 1 ملين کان 1.2 ملين تائين پهچي سگهي ٿو. هن چيو ته جون جي وچ تائين ڪورونا ڪي??ن جو انگ ڏيڍ لک تائين پهچي ويو آهي ۽ ماهرن موجب جيڪڏهن اها ئي صورتحال رهي ته جون جي آخر تائين 3 لک جڏهن ته جولاءِ جي آخر تائين ڪورونا ڪي??ن جو انگ 1 ملين کان 1.2 ملين تائين پهچي ويندو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ اجلاس جي صدارت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته يقينن اها ڳالهه پريشان ڪندڙ آهي پر سٺي ڳالهه ا??ا آهي ته ا??ڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان انتظامي قدمن جي صلاحيت رکون ٿا. هن چيو ته اڳ ۾ ئي اي?? او پيز جون خلاف ورزيون ڪندڙن جي خلاف ايڪشن ورتو پيو وڃي جڏهن ته ا??ن سي او سي هاڻي اهڙن ماڻهن جي خلاف سخت ايڪشن جو فيصلو ڪيو آهي.