اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قوم کي ڪرونا وبا جي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي احتياطي تبديرن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته احتياط ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪري ئي ان وبا کان بچي سگهجي ٿو، لاڪ ڊائون ۾ زرعي شع??ي کي مڪمل ڪم ڪرڻ جي اجازت هوندي، 14 اپريل تي تعميراتي شعبو ڪم شروع ڪري ڇڏيندو، اڄ خميس ک??ن احساس پروگرام جي امدادي پروگرام تحت 12 هزار رپيا في خ??ندان امداد ڏن?? ويندي، سڄي ملڪ ۾ 17 هزار جاين تان عوام کي رقم ڏن?? ويندي?? پهرين مرحلي ۾ 23 لک خاندانن کي امدادي رقم ڏن?? ويندي، امدادي رقم جي فراهمي ۾ ميرٽ ۽ شفافيت کي يقيني بڻايو ويندو، ايندڙ اڍائي هفتن تائين 144 ارب رپيا ورهايا ويندا، پاڪستان تحريڪ انصاف جا قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر ڪرونا رليف ٽائيگر فورس جو حصو بڻجن، اها ٽائيگر فورس غريب ماڻهن جي نشاندهي ڪري انهن کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کڻندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪرونا جي صورتحال جي ڏس ۾ بريفنگ دوران ڪيو.