اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) ڪابينا جي ??قتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) 3 لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا جي ??قتصادي رابطا ڪميٽي جو اجل??س وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي ??دارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ 3 لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي جنهن جي پهرين کيپ 15 فيبروري تي ملڪ پهچڻ جي ??ميد آهي جڏهن ته 31 مارچ تائين 3 لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جو عمل مڪمل ڪيو ويندو.