اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قوم فڪر نه ڪري پاڪستان جو مستقبل روشن آهي، اي گورننس جو بهترين نظام آڻي ??هي?? آهيون، ڊيجيٽل پاڪستان منصوبي کي ڪامياب بڻائينداسين، ان سان ڪرپشن جو خاتمو ٿيندو، ماضي ۾ پئسن جي لاءِ ٻين جون جنگيون وڙهيون ويون، اڄ جو پاڪستان امن جي لاءِ ملڪن جي وچ ۾ ثالث جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، امت کي متحد ڪنداسين. هو ڊيجيٽل و??زن پاڪستان جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.