اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه پريڊ گرائونڊ ۾ موجود وار ويٽرنز سان ملاقاتون ڪيون ۽ پاڪ فوج جي انهن جوانن جي بل??د حوصلن ۽ همت کي ساراهيو. 77 هين يوم پاڪستان جي ??ريڊ گرائونڊ ۾ مختلف جنگين ۾ حصو وٺندڙ ۽ معذور ٿيندڙ فوجي آفيسرن ۽ جوانن به ويل چيئرن تي پريڊ ۾ شرڪت ڪئي، پريڊ جي ??ڄاڻي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پاڻ ان گئلري ۾ ويو ۽ جنگين جي دوران معذور ٿيندڙ جوانن سان ??ٿ ملايو ۽ انهن جي بل??د حوصلي ۽ همت کي ساراهيو.