اسلام آباد / پشاور – 04 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت جي ڪامياب جوان پروگرام ۽ انصاف روزگار اسڪيم جهڙين قرض اسڪيمن ??ان عوام خاص طور تي عورتن ۽ نوجوانن کي فائدو کڻڻ جي لاءِ انهن جي رهنمائي جي ضرورت آهي، صوبائي حڪومتون چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري سان گڏجي نوجوانن ۾ حڪومت جي قرض اسڪيمن ??ابت شعور اجاگر ڪن ته جيئن نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن کي پنهنجو ڪاروبار قائم ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهجي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعليٰ هائوس پشاور ۾ خيبرپختونخواهه ??ڪومت جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ دوران ڪيو. اجلاس ۾ خيبرپختونخوا??ه جي وڏي وزير محمود خان، صوبائي وزيرن ۽ خيبرپختونخواهه ??ڪومت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ جي لاءِ صوبن ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ وڌيڪ آساني پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي جي ترقي سان صوبي جي ماڻهن جي ترقي ۽ مقامي آبادي کي روزگار جي فراهمي م??ڪن ٿي سگهندي. هن چيو ته خيبرپختونخوا??ه جي نئين ضم ٿيل ضلعن ۾ تڪرارن جي متبادل حل جي نظام سان ماڻهن کي فوري ۽ سستو انصاف فراهم ڪري سگهبو، تڪرارن جي متبادل حل جي نظام سان اڳوڻي فاٽا ضلعن ۾ عدليه تي بار گهٽ ڪرڻ ۾ مددملندي. صدر کي بريفنگ ۾ آگاهه ڪيو ويو ته خيبرپختونخواهه ??ڪومت اڳوڻي فاٽا جي نئين ضم ٿيل ضلعن جي ترقي ۽ بهتري تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، اڳوڻي فاٽا ضلعن جو خيبرپختونخواهه ۾ انتظامي انضمام مڪمل ٿي چڪو آهي، ضم ٿيل ضلعن جي لاءِ 491 ارب رپيا ماليت جا 901 منصوبا منظور ڪيا ويا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ضم ٿيل ضلعن ۾ تعليم، صحت، رستن، توانائي ۽ انتظامي انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ جي منصوبن تي اڳڀرائي بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي ۽ کيس آگاهه ڪيو ويو ته صوبي ۾ جاري سمورا ترقياتي منصوبا مقرر وقت موجب مڪمل ٿي ويندا. صدر خيبرپختونخواهه ??ڪومت جي ٽي سالا ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ ضم ٿيل ضلعن جي مسئلن جي حل لاءِ مشاورتي سيشن باقاعده منعقد ڪرڻ تي صوبائي حڪومت کي ساراهيو. هن معياري صحت سهولتن جي فراهمي جي لاءِ صحت انصاف ڪارڊ جي سهولت ضم ٿيل ضلعن تائين وڌائڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو.