اسلام آب??د – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد ص??دق سنجراڻي مير ع??دالقدوس بزنجو کي بلوچستان جو وڏو وزير چونڊجڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو ته بلوچستان جو نئون چونڊيل وڏو وزير مير ع??دالقدوس بلوچستان جي روشن مستقبل جي اُميد آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب هن چيو ته مير ع??دالقدوس بزنجو بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندو ۽ ماضي ۾ به مير ع??دالقدوس بزنجو جي بلوچستان جي عوام لاءِ سياسي ۽ سماجي خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن. سينيٽ چيئرمين چيو ته نئون چونڊيل وڏو وزير سمورن صوبائي اسيم??لي ميمبرن کي گڏ کڻي هلندو ۽ گڏيل مشاورت ۽ هم آهنگي سان بلوچستان صوبي جي ترقي جي نئين دور جو آغاز ٿيندو.