اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گهٽ لاڳت گهرن جي عوام تائين پهچ لاءِ معلومات جي فراهمي ۽ درخواستن جي وصولي لاءِ موبائيل يونٽ جو افت??اح ڪيو. موبائيل يونٽ نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي ۽ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي سهڪار سان ماڻهن کي گهٽ لاڳت رهائشي منصوبن لاءِ قرضن کي حاصل ڪر?? ۾ سهولت فراهم ڪندو. وڌيڪ اهو ته موبائيل يونٽ پرائم منسٽر هائوسنگ اسڪيم تحت قرضن لاءِ ون ونڊو آپريشن فراهم ڪندو، شروعاتي طور تي موبائيل يونٽ راولپنڊي، اسلام آباد ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ سهولت فراهم ڪندو، ان کانپوءِ پوري پاڪستان ۾ اهڙا موبائيل يونٽ قائم ڪيا ويندا، ان کانسواءِ موبائيل يونٽ ڪورونا وبا دوران بئنڪن تي دٻاءُ گهٽ ڪر?? ۾ به مددگار ثابت ٿيندو