اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻطرفي سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 70 هين سالگرهه جي موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ چيني صدر شي چن پنگ ٻنهي ??لڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه سي پيڪ جي ترقي کي بلند معيار تي فروغ ڏيڻ جو ??علان ڪيو آهي. ??نه?? اڳواڻن گڏيل خطن جي مٽاسٽا ڪئي آهي ۽ پنهنجي پنهنجي حڪومتن ۽ عوام پاران ه??ٻئ?? کي مبارڪباد ڏني، صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي چيني هم منصب جي نالي خط ۾ چيو ته هن تاريخي موقعي تي اسان پاڪستان ۽ چين دوستي کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ ۽ گڏيل مستقبل جي حامل ويجهي ??اڪ چين ڪميونٽي کي جوڙڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن چيني صدر جي سٺي صحت ۽ چين جي عوام جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ نيڪ خواهشن جو ??ظهار ڪيو. ٻئي طرف چين جي صدر شي چن پنگ پنهنجي خط ۾ چيو ته چين ۽ پاڪستان هر آزمائش تي پورو لهندڙ اسٽريٽجڪ پارٽنرز آهن، جيڪي سدائين بنيادي مفاد ۽ وڏي اهميت رکندڙ معاملن تي ه??ٻئ?? سان گڏ بيٺل رهيا آهن، هن چيو ته ٻنهي ??لڪن جي وچ ۾ گڏيل اعت??اد ۽ دوستي 70 سالن کان قائم ۽ دائم آهي، جيڪا ٻنهي ??لڪن جي عوام جو ??ڀ کان قيمتي اثاثو بڻجي چڪي آهي.