اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ ثمينه عارف علوي چيو آهي ته معاشري جي معاشي طور تي ڪمزور طبقن کي سماجي تحفظ جي فراهمي ۽ ماڻهن جي زندگي جو معيار بلند ڪرڻ حڪومت جي اول??ن ترجيحن ۾ شامل آهي، اسان جا ٻار اسان جو مستقبل آهن ۽ پنهنجي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ ۽ کين جديد دور ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ ک??ن تعليم ۽ هن?? جي فراهمي ضروري آهي، پاڪستان بيت المال ٻارن کان مشقت جي خاتمي لاءِ موثر قدم کڻي رهيو آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان بيت المال جي هيڊڪوارٽرز ۾ جبري پورهيئي کان متاثر ٻارن جي بحالي لاءِ پاڪستان بيت المال پاران قائم ڪيل اسڪولن جي ٻارن ۾ اسڪول بيگز ۽ ٻيا تحفا ورهائڻ جي تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪئي. اهي تحفا پاڪستان ۾ مقرر غير ملڪي سفارتخانن جي هيڊ آف مشنز جي گهروارين جي گروپ ڏنا آهن. صد?? جي گهرواريءَ تقريب جي انعقاد ۽ تحفن تي سف??رت?? ڪميونٽي جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته انساني ڀلائي ۽ ترقي جي ڪا به سرحد ناهي هون??ي. ??ن چيو ته نوجوان نسل جو ڪنهن به معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار هوندو آهي، اسان جا ٻار اسان جو مستقبل آهن ۽ پنهنجي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ ۽ کين جديد دور ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ ک??ن تعليم ۽ هن?? جي فراهمي ضروري آهي، تعليم هر ٻار جو حق آهي ۽ ان کي حق آهي ته هو پنهنجو ننڍپڻ ڀرپور انداز ۾ گذاري.