اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته فوجداري انصاف جو نظام بنيادي اهميت رکندڙ آهي ۽ گورننس لاءِ ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، گذريل حڪومتن نظام کي ??راب ڪري لاقانونيت مان فائدو کنيو، موجوده حڪومت ان نظام کي ??رجيحي بنيادن تي ٺيڪ ڪرڻ ??ي لاءِ گهربل وسيلا فراهم ڪندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار فوجداري انصاف جي نظام ۾ سڌارن ۽ صوبن ۽ اسلام آباد ۾ ضابطه ديواني تي عملدرآمد جي اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ڪند?? ڪيو. اجلاس ۾ قانون وارو وفاقي وزير فروغ نسيم، اٽارني جنرل خالد جاويد خان، پنجاب جو قانون وارو وزير راجا بشارت، خيبرپختونخوا جو قانون وارو وزير سلطان محمود خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سڌارن واري عمل جي جامع حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ 13 شعبن جي نشاندهي ڪري ڌار ڌار ٽاسڪ فورسز ٺاهيون ويون هيون جنهن جون سفارشون عملي شڪل اختيار ڪرڻ لاءِ تيار آهن، انهن 13 شعبن ۾ ڪيسن جي داخلا، گرفتاري ۽ ايف آءِ آر جو نظام، پوليس اسٽيشنز کي ??ديد رخن تي هموار ڪرڻ ۽ انهن جي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ، فنڊن جي پوليس اسٽيشنز کي ??ڌو سنئون منتقلي ۽ اسٽيشن انچارج کي پرنسپل اڪائونٽنگ آفيسر جو درجو ڏيڻ، جاچ نظام کي مضبوط ڪرڻ، چالان جي نظام ۾ بهتري آڻڻ، آزاد پراسيڪيوشن جي قيام، پراسيڪيوشن ک?? ڪيسن جي نوعيت ??ي لحاظ کان ڪيسز جي جاچ سان ڪورٽن تي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ، ٽرائل جي طريقيڪار کي ??سان ۽ تيز ڪرڻ، ڪورٽس جي رڪارڊ کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ، پروبيشن ۽ پيرول جي نظام کي مضبوط ڪرڻ شامل آهن.