اسلام آباد – 07 – جن??ري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ بين الوزارتي رابطن ۽ پبلڪ پرائيويٽ حصيداري وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي جڏهن ته فيصلو ڪيو ويو آهي ته واپار واري وزارت هڪ هفتي ۾ ايڪشن پلان جوڙيندي ۽ ترجيحي شعبن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي کان هفتيوار وزيراعظم کي آگاهه ڪندي. وزيراعظم جي صدارت ۾ معاشي صورتحال تي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شاهه محمود قريشي، ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، محمد حماد اظهر، سينيٽر شبلي فر??ز، سيد فخر امام، فواد احمد، وزيراعظم جو صلاحڪار عبدالرزاق دا??ود?? اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر رضا باقر، وزيراعظم جي خاص مددگارن ڊاڪٽر معيد يوسف، ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. چئني صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي چ??ف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.