اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي ??ي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي فراهمي تي زور ڏيندي چيو ??هي ته مسلمان ملڪ جديد سائنسي علم جي تعليم تي ڌيان ڏئي دنيا ۾ پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪري سگهن ٿا، هو اخلاق ۽ علم جي مجموعي سان دنيا ۾ اڀري سامهون اچي سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلوبل الفارابي فورم جي افتتاحي اجلاس کي خط??ب ڪندي ڪيو.