اسلام آباد – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي ملڪيت آهن، پورٽ قاسم اٿارٽي جي قانون موجب اهي وفاق جو حصو آهن، ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽيشن، سيوريج، سولڊ ويسٽ ۽ پاڻي جي سپلاءِ چار وڏا مسئلا آهن، ايتريون حڪومتون آيو?? پر ڪراچي جا مسئلا گهٽ نه ٿيا، وزيراعظم عمران خان پا??ان ڪراچي جي ترقياتي جي لاءِ پئڪيج سان مطمئن آهيان، سڄي ذميواري وفاق کڻي ته پوءِ صوبائي حڪومت جي ڪهڙي ذميواري رهجي ويندي. نجي ٽي وي چيبنل کي خاص انٽرويو ڏيندي صدر چيو ته احتجاج ڪرڻ مخالف ڌر پا??ٽين جو حق آهي، پرامن احتجاج جمهوريت جو حسن آهي، مخالف ڌر پا??ٽين جي گذريل سال لانگ مارچ سان ڪشمير ڪاز کي نقصان پهتو، مخالف ڌر جي مارچ سان ڪورونا وڌڻ جوخطرو آهي، انهن کي مشورو آهي ته ماسڪ پا??ي احتجاج ڪن.